Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |
'Idhā Waqa`ati Al-Wāqi`atu
| 056-001 جڏھن قيامت ايندي.
|
إِذَا وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُ |
Laysa Liwaq`atihā Kādhibatun
| 056-002 جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي.
|
لَيْسَ لِوَقْعَتِهَا كَاذِبَةٌ |
Khāfiđatun Rāfi`atun
| 056-003 ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري.
|
خَافِضَة ٌ رَافِعَةٌ |
'Idhā Rujjati Al-'Arđu Rajjāan
| 056-004 جڏھن زمين سخت ڌوڏبي.
|
إِذَا رُجَّتِ الأَرْضُ رَجّاً |
Wa Bussati Al-Jibālu Bassāan
| 056-005 ۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا.
|
وَبُسَّتِ الْجِبَالُ بَسّاً |
Fakānat Habā'an Munbaththāan
| 056-006 پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا.
|
فَكَانَتْ هَبَاء ً مُنْبَثّاً |
Wa Kuntum 'Azwājāan Thalāthatan
| 056-007 ۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ.
|
وَكُنتُمْ أَزْوَاجا ً ثَلاَثَةً |
Fa'aşĥābu Al-Maymanati Mā 'Aşĥābu Al-Maymanati
| 056-008 پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا.
|
فَأَصْحَابُ الْمَيْمَنَةِ مَا أَصْحَابُ الْمَيْمَنَةِ |
Wa 'Aşĥābu Al-Mash'amati Mā 'Aşĥābu Al-Mash'amati
| 056-009 ۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟
|
وَأَصْحَابُ الْمَشْأَمَةِ مَا أَصْحَابُ الْمَشْأَمَةِ |
Wa As-Sābiqūna As-Sābiqūna
| 056-010 ۽ (چڱاين ۾) اڳرائيڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا.
|
وَالسَّابِقُونَ السَّابِقُونَ |
'Ūlā'ika Al-Muqarrabūna
| 056-011 اھي (ئي) مقرب آھن.
|
أُوْلَائِكَ الْمُقَرَّبُونَ |
Fī Jannāti An-Na`īmi
| 056-012 نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.
|
فِي جَنَّاتِ النَّعِيمِ |
Thullatun Mina Al-'Awwalīna
| 056-013 گھڻا پھرين مان.
|
ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلِينَ |
Wa Qalīlun Mina Al-'Ākhirīna
| 056-014 ۽ ٿورا پوين مان.
|
وَقَلِيلٌ مِنَ الآخِرِينَ |
`Alá Sururin Mawđūnatin
| 056-015 (سون سان) اُڻيل تخت تي.
|
عَلَى سُرُرٍ مَوْضُونَةٍ |
Muttaki'īna `Alayhā Mutaqābilīna
| 056-016 ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا.
|
مُتَّكِئِينَ عَلَيْهَا مُتَقَابِلِينَ |
Yaţūfu `Alayhim Wildānun Mukhalladūna
| 056-017 ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا.
|
يَطُوفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُخَلَّدُونَ |
Bi'akwābin Wa 'Abārīqa Wa Ka'sin Min Ma`īnin
| 056-018 آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن).
|
بِأَكْوَابٍ وَأَبَارِيقَ وَكَأْسٍ مِنْ مَعِينٍ |
Lā Yuşadda`ūna `Anhā Wa Lā Yunzifūna
| 056-019 (اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا.
|
لاَ يُصَدَّعُونَ عَنْهَا وَلاَ يُنزِفُونَ |
Wa Fākihatin Mimmā Yatakhayyarūna
| 056-020 ۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن.
|
وَفَاكِهَةٍ مِمَّا يَتَخَيَّرُونَ |
Wa Laĥmi Ţayrin Mimmā Yashtahūna
| 056-021 ۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين.
|
وَلَحْمِ طَيْرٍ مِمَّا يَشْتَهُونَ |
Wa Ĥūrun `Īnun
| 056-022 ۽ وڏين اکين وارون حورون.
|
وَحُورٌ عِينٌ |
Ka'amthāli Al-Lu'ulu'ui Al-Maknūni
| 056-023 (ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون.
|
كَأَمْثَالِ اللُّؤْلُؤِ الْمَكْنُونِ |
Jazā'an Bimā Kānū Ya`malūna
| 056-024 جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾.
|
جَزَاء ً بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ |
Lā Yasma`ūna Fīhā Laghwan Wa Lā Ta'thīmāan
| 056-025 اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا.
|
لاَ يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوا ً وَلاَ تَأْثِيماً |
'Illā Qīlāan Salāmāan Salāmāan
| 056-026 پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو.
|
إِلاَّ قِيلا ً سَلاَما ً سَلاَماً |
Wa 'Aşĥābu Al-Yamīni Mā 'Aşĥābu Al-Yamīni
| 056-027 ۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا.
|
وَأَصْحَابُ الْيَمِينِ مَا أَصْحَابُ الْيَمِينِ |
Fī Sidrin Makhđūdin
| 056-028 لاسڙين ٻيرين ۾.
|
فِي سِدْرٍ مَخْضُودٍ |
Wa Ţalĥin Manđūdin
| 056-029 ۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾.
|
وَطَلْحٍ مَنْضُودٍ |
Wa Žillin Mamdūdin
| 056-030 ۽ ڊگھن پاڇن ۾.
|
وَظِلٍّ مَمْدُودٍ |
Wa Mā'in Maskūbin
| 056-031 ۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾.
|
وَمَاءٍ مَسْكُوبٍ |
Wa Fākihatin Kathīratin
| 056-032 ۽ گھڻن ميون ۾.
|
وَفَاكِهَةٍ كَثِيرَةٍ |
Lā Maqţū`atin Wa Lā Mamnū`atin
| 056-033 نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا.
|
لاَ مَقْطُوعَةٍ وَلاَ مَمْنُوعَةٍ |
Wa Furushin Marfū`atin
| 056-034 ۽ اُچا وڇاڻا.
|
وَفُرُشٍ مَرْفُوعَةٍ |
'Innā 'Ansha'nāhunna 'Inshā'an
| 056-035 بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي.
|
إِنَّا أَنشَأْنَاهُنَّ إِنشَاءً |
Faja`alnāhunna 'Abkārāan
| 056-036 پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون.
|
فَجَعَلْنَاهُنَّ أَبْكَاراً |
`Urubāan 'Atrābāan
| 056-037 مڙسن کي وڻندڙ ھڪجيڏيون.
|
عُرُباً أَتْرَاباً |
Li'aşĥābi Al-Yamīni
| 056-038 سڄي پاسي وارن لاءِ.
|
لِأَصْحَابِ الْيَمِينِ |
Thullatun Mina Al-'Awwalīna
| 056-039 گھڻي جماعت پھرين مان آھي.
|
ثُلَّةٌ مِنَ الأَوَّلِينَ |
Wa Thullatun Mina Al-'Ākhirīna
| 056-040 ۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي.
|
وَثُلَّةٌ مِنَ الآخِرِينَ |
Wa 'Aşĥābu Ash-Shimāli Mā 'Aşĥābu Ash-Shimāli
| 056-041 ۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا.
|
وَأَصْحَابُ الشِّمَالِ مَا أَصْحَابُ الشِّمَالِ |
Fī Samūmin Wa Ĥamīmin
| 056-042 ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا.
|
فِي سَمُومٍ وَحَمِيمٍ |
Wa Žillin Min Yaĥmūmin
| 056-043 ۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا.
|
وَظِلٍّ مِنْ يَحْمُومٍ |
Lā Bāridin Wa Lā Karīmin
| 056-044 جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ.
|
لاَ بَارِدٍ وَلاَ كَرِيمٍ |
'Innahum Kānū Qabla Dhālika Mutrafīna
| 056-045 بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا.
|
إِنَّهُمْ كَانُوا قَبْلَ ذَلِكَ مُتْرَفِينَ |
Wa Kānū Yuşirrūna `Alá Al-Ĥinthi Al-`Ažīmi
| 056-046 ۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا.
|
وَكَانُوا يُصِرُّونَ عَلَى الْحِنثِ الْعَظِيمِ |
Wa Kānū Yaqūlūna 'A'idhā Mitnā Wa Kunnā Turābāan Wa `Ižāmāan 'A'innā Lamab`ūthūna
| 056-047 ۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟
|
وَكَانُوا يَقُولُونَ أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابا ً وَعِظَاماً أَئِنَّا لَمَبْعُوثُونَ |
'Awa 'Ābā'uunā Al-'Awwalūna
| 056-048 يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا.
|
أَوَ آبَاؤُنَا الأَوَّلُونَ |
Qul 'Inna Al-'Awwalīna Wa Al-'Ākhirīna
| 056-049 (اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان.
|
قُلْ إِنَّ الأَوَّلِينَ وَالآخِرِينَ |
Lamajmū`ūna 'Ilá Mīqāti Yawmin Ma`lūmin
| 056-050 ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.
|
لَمَجْمُوعُونَ إِلَى مِيقَاتِ يَوْمٍ مَعْلُومٍ |
Thumma 'Innakum 'Ayyuhā Ađ-Đāllūna Al-Mukadhdhibūna
| 056-051 وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ.
|
ثُمَّ إِنَّكُمْ أَيُّهَا الضَّالُّونَ الْمُكَذِّبُونَ |
La'ākilūna Min Shajarin Min Zaqqūmin
| 056-052 ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ.
|
لَآكِلُونَ مِنْ شَجَرٍ مِنْ زَقُّومٍ |
Famāli'ūna Minhā Al-Buţūna
| 056-053 پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ.
|
فَمَالِئُونَ مِنْهَا الْبُطُونَ |
Fashāribūna `Alayhi Mina Al-Ĥamīmi
| 056-054 پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ.
|
فَشَارِبُونَ عَلَيْهِ مِنَ الْحَمِيمِ |
Fashāribūna Shurba Al-Hīmi
| 056-055 پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ.
|
فَشَارِبُونَ شُرْبَ الْهِيمِ |
Hādhā Nuzuluhum Yawma Ad-Dīni
| 056-056 قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي.
|
هَذَا نُزُلُهُمْ يَوْمَ الدِّينِ |
Naĥnu Khalaqnākum Falawlā Tuşaddiqūna
| 056-057 اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو.
|
نَحْنُ خَلَقْنَاكُمْ فَلَوْلاَ تُصَدِّقُونَ |
'Afara'aytum Mā Tumnūna
| 056-058 ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو.
|
أَفَرَأَيْتُمْ مَا تُمْنُونَ |
'A'antum Takhluqūnahu~ 'Am Naĥnu Al-Khāliqūna
| 056-059 تنھن مان اوھين خلقيو ٿاڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟
|
أَأَنْتُمْ تَخْلُقُونَهُ~ُ أَمْ نَحْنُ الْخَالِقُونَ |
Naĥnu Qaddarnā Baynakumu Al-Mawta Wa Mā Naĥnu Bimasbūqīna
| 056-060 اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون.
|
نَحْنُ قَدَّرْنَا بَيْنَكُمُ الْمَوْتَ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ |
`Alá 'An Nubaddila 'Amthālakum Wa Nunshi'akum Fī Mā Lā Ta`lamūna
| 056-061 ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو.
|
عَلَى أَنْ نُبَدِّلَ أَمْثَالَكُمْ وَنُنْشِئَكُمْ فِي مَا لاَ تَعْلَمُونَ |
Wa Laqad `Alimtumu An-Nash'ata Al-'Ūlá Falawlā Tadhkkarūna
| 056-062 ۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟
|
وَلَقَدْ عَلِمْتُمُ النَّشْأَةَ الأُولَى فَلَوْلاَ تَذكَّرُونَ |
'Afara'aytum Mā Taĥruthūna
| 056-063 ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو.
|
أَفَرَأَيْتُمْ مَا تَحْرُثُونَ |
'A'antum Tazra`ūnahu~ 'Am Naĥnu Az-Zāri`ūna
| 056-064 سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟
|
أَأَنْتُمْ تَزْرَعُونَهُ~ُ أَمْ نَحْنُ الزَّارِعُونَ |
Law Nashā'u Laja`alnāhu Ĥuţāmāan Fažalaltum Tafakkahūna
| 056-065 جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو.
|
لَوْ نَشَاءُ لَجَعَلْنَاهُ حُطَاما ً فَظَلَلْتُمْ تَفَكَّهُونَ |
'Innā Lamughramūna
| 056-066 (۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون.
|
إِنَّا لَمُغْرَمُونَ |
Bal Naĥnu Maĥrūmūna
| 056-067 بلڪ اسين بي نصيب آھيون.
|
بَلْ نَحْنُ مَحْرُومُونَ |
'Afara'aytumu Al-Mā'a Al-Ladhī Tashrabūna
| 056-068 ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو.
|
أَفَرَأَيْتُمُ الْمَاءَ الَّذِي تَشْرَبُونَ |
'A'antum 'Anzaltumūhu Mina Al-Muzni 'Am Naĥnu Al-Munzilūna
| 056-069 اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟
|
أَأَنْتُمْ أَنزَلْتُمُوهُ مِنَ الْمُزْنِ أَمْ نَحْنُ الْمُنزِلُونَ |
Law Nashā'u Ja`alnāhu 'Ujājāan Falawlā Tashkurūna
| 056-070 جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟
|
لَوْ نَشَاءُ جَعَلْنَاهُ أُجَاجا ً فَلَوْلاَ تَشْكُرُونَ |
'Afara'aytumu An-Nāra Allatī Tūrūna
| 056-071 ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو.
|
أَفَرَأَيْتُمُ النَّارَ الَّتِي تُورُونَ |
'A'antum 'Ansha'tum Shajaratahā 'Am Naĥnu Al-Munshi'ūna
| 056-072 تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون.
|
أَأَنْتُمْ أَنشَأْتُمْ شَجَرَتَهَا أَمْ نَحْنُ الْمُنشِئُونَ |
Naĥnu Ja`alnāhā Tadhkiratan Wa Matā`āan Lilmuqwīna
| 056-073 اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي.
|
نَحْنُ جَعَلْنَاهَا تَذْكِرَة ً وَمَتَاعا ً لِلْمُقْوِينَ |
Fasabbiĥ Biāsmi Rabbika Al-`Ažīmi
| 056-074 تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر.
|
فَسَبِّحْ بِاسْمِ رَبِّكَ الْعَظِيمِ |
Falā 'Uqsimu Bimawāqi`i An-Nujūmi
| 056-075 پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو.
|
فَلاَ أُقْسِمُ بِمَوَاقِعِ النُّجُومِ |
Wa 'Innahu Laqasamun Law Ta`lamūna `Ažīmun
| 056-076 ۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي.
|
وَإِنَّهُ لَقَسَم ٌ لَوْ تَعْلَمُونَ عَظِيمٌ |
'Innahu Laqur'ānun Karīmun
| 056-077 بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي.
|
إِنَّهُ لَقُرْآنٌ كَرِيمٌ |
Fī Kitābin Maknūnin
| 056-078 لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي.
|
فِي كِتَابٍ مَكْنُونٍ |
Lā Yamassuhu~ 'Illā Al-Muţahharūna
| 056-079 پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي.
|
لاَ يَمَسُّهُ~ُ إِلاَّ الْمُطَهَّرُونَ |
Tanzīlun Min Rabbi Al-`Ālamīna
| 056-080 جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي.
|
تَنزِيلٌ مِنْ رَبِّ الْعَالَمِينَ |
'Afabihadhā Al-Ĥadīthi 'Antum Mud/hinūna
| 056-081 پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا.
|
أَفَبِهَذَا الْحَدِيثِ أَنْتُمْ مُدْهِنُونَ |
Wa Taj`alūna Rizqakum 'Annakum Tukadhdhibūna
| 056-082 ۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا.
|
وَتَجْعَلُونَ رِزْقَكُمْ أَنَّكُمْ تُكَذِّبُونَ |
Falawlā 'Idhā Balaghati Al-Ĥulqūma
| 056-083 پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي.
|
فَلَوْلاَ إِذَا بَلَغَتِ الْحُلْقُومَ |
Wa 'Antum Ĥīna'idhin Tanžurūna
| 056-084 ۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو.
|
وَأَنْتُمْ حِينَئِذٍ تَنظُرُونَ |
Wa Naĥnu 'Aqrabu 'Ilayhi Minkum Wa Lakin Lā Tubşirūna
| 056-085 ۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو.
|
وَنَحْنُ أَقْرَبُ إِلَيْهِ مِنْكُمْ وَلَكِنْ لاَ تُبْصِرُونَ |
Falawlā 'In Kuntum Ghayra Madīnīna
| 056-086 پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو.
|
فَلَوْلاَ إِنْ كُنتُمْ غَيْرَ مَدِينِينَ |
Tarji`ūnahā 'In Kuntum Şādiqīna
| 056-087 ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو.
|
تَرْجِعُونَهَا إِنْ كُنتُمْ صَادِقِينَ |
Fa'ammā 'In Kāna Mina Al-Muqarrabīna
| 056-088 پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو.
|
فَأَمَّا إِنْ كَانَ مِنَ الْمُقَرَّبِينَ |
Farawĥun Wa Rayĥānun Wa Jannatu Na`īmin
| 056-089 ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي.
|
فَرَوْحٌ وَرَيْحَانٌ وَجَنَّةُ نَعِيمٍ |
Wa 'Ammā 'In Kāna Min 'Aşĥābi Al-Yamīni
| 056-090 ۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو.
|
وَأَمَّا إِنْ كَانَ مِنْ أَصْحَابِ الْيَمِينِ |
Fasalāmun Laka Min 'Aşĥābi Al-Yamīni
| 056-091 ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي.
|
فَسَلاَم ٌ لَكَ مِنْ أَصْحَابِ الْيَمِينِ |
Wa 'Ammā 'In Kāna Mina Al-Mukadhdhibīna Ađ-Đāllīna
| 056-092 پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو.
|
وَأَمَّا إِنْ كَانَ مِنَ الْمُكَذِّبِينَ الضَّالِّينَ |
Fanuzulun Min Ĥamīmin
| 056-093 ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني.
|
فَنُزُلٌ مِنْ حَمِيمٍ |
Wa Taşliyatu Jaĥīmin
| 056-094 ۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي.
|
وَتَصْلِيَةُ جَحِيمٍ |
'Inna Hādhā Lahuwa Ĥaqqu Al-Yaqīni
| 056-095 بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي.
|
إِنَّ هَذَا لَهُوَ حَقُّ الْيَقِينِ |
Fasabbiĥ Biāsmi Rabbika Al-`Ažīmi
| 056-096 تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.
|
فَسَبِّحْ بِاسْمِ رَبِّكَ الْعَظِيمِ |
Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |