Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |
Ar-Raĥmānu
| 055-001 ٻاجھاري (الله).
|
الرَّحمَانُ |
`Allama Al-Qur'āna
| 055-002 قرآن سيکاريو.
|
عَلَّمَ الْقُرْآنَ |
Khalaqa Al-'Insāna
| 055-003 ماڻھو کي پيدا ڪيائين.
|
خَلَقَ الإِنسَانَ |
`Allamahu Al-Bayāna
| 055-004 ان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين.
|
عَلَّمَهُ الْبَيَانَ |
Ash-Shamsu Wa Al-Qamaru Biĥusbānin
| 055-005 سج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن.
|
الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ بِحُسْبَانٍ |
Wa An-Najmu Wa Ash-Shajaru Yasjudāni
| 055-006 ۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن.
|
وَالنَّجْمُ وَالشَّجَرُ يَسْجُدَانِ |
Wa As-Samā'a Rafa`ahā Wa Wađa`a Al-Mīzāna
| 055-007 ۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين.
|
وَالسَّمَاءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ الْمِيزَانَ |
'Allā Taţghaw Fī Al-Mīzāni
| 055-008 ھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو.
|
أَلاَّ تَطْغَوْا فِي الْمِيزَانِ |
Wa 'Aqīmū Al-Wazna Bil-Qisţi Wa Lā Tukhsirū Al-Mīzāna
| 055-009 ۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.
|
وَأَقِيمُوا الْوَزْنَ بِالْقِسْطِ وَلاَ تُخْسِرُوا الْمِيزَانَ |
Wa Al-'Arđa Wađa`ahā Lil'anāmi
| 055-010 ماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين.
|
وَالأَرْضَ وَضَعَهَا لِلأَنَامِ |
Fīhā Fākihatun Wa An-Nakhlu Dhātu Al-'Akmāmi
| 055-011 منجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙينواريون کجيون آھن.
|
فِيهَا فَاكِهَةٌ وَالنَّخْلُ ذَاتُ الأَكْمَامِ |
Wa Al-Ĥabbu Dhū Al-`Aşfi Wa Ar-Rayĥānu
| 055-012 ۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن.
|
وَالْحَبُّ ذُو الْعَصْفِ وَالرَّيْحَانُ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-013 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Khalaqa Al-'Insāna Min Şalşālin Kālfakhkhāri
| 055-014 ماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين.
|
خَلَقَ الإِنسَانَ مِنْ صَلْصَالٍ كَالْفَخَّارِ |
Wa Khalaqa Al-Jānna Min Mārijin Min Nārin
| 055-015 ۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين.
|
وَخَلَقَ الْجَانَّ مِنْ مَارِجٍ مِنْ نَارٍ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-016 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Rabbu Al-Mashriqayni Wa Rabbu Al-Maghribayni
| 055-017 جو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي.
|
رَبُّ الْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ الْمَغْرِبَيْنِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-018 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Maraja Al-Baĥrayni Yaltaqiyāni
| 055-019 ٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.
|
مَرَجَ الْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيَانِ |
Baynahumā Barzakhun Lā Yabghiyāni
| 055-020 انھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن.
|
بَيْنَهُمَا بَرْزَخ ٌ لاَ يَبْغِيَانِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-021 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Yakhruju Minhumā Al-Lu'ulu'uu Wa Al-Marjānu
| 055-022 انھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.
|
يَخْرُجُ مِنْهُمَا اللُّؤْلُؤُ وَالْمَرْجَانُ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-023 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Wa Lahu Al-Jawāri Al-Munsha'ātu Fī Al-Baĥri Kāl'a`lāmi
| 055-024 ۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن.
|
وَلَهُ الْجَوَارِ الْمُنشَآتُ فِي الْبَحْرِ كَالأَعْلاَمِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-025 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Kullu Man `Alayhā Fānin
| 055-026 جيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو.
|
كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ |
Wa Yabqá Wajhu Rabbika Dhū Al-Jalāli Wa Al-'Ikrāmi
| 055-027 ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذاتباقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي.
|
وَيَبْقَى وَجْهُ رَبِّكَ ذُو الْجَلاَلِ وَالإِكْرَامِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-028 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Yas'aluhu Man Fī As-Samāwāti Wa Al-'Arđi ۚ Kulla Yawmin Huwa Fī Sha'nin
| 055-029 جيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي.
|
يَسْأَلُهُ مَنْ فِي السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ ۚ كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِي شَأْنٍ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-030 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Sanafrughu Lakum 'Ayyuhā Ath-Thaqalāni
| 055-031 اي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون.
|
سَنَفْرُغُ لَكُمْ أَيُّهَا الثَّقَلاَنِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-032 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Yā Ma`shara Al-Jinni Wa Al-'Insi 'Ini Astaţa`tum 'An Tanfudhū Min 'Aqţāri As-Samāwāti Wa Al-'Arđi Fānfudhū ۚ Lā Tanfudhūna 'Illā Bisulţānin
| 055-033 اي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ.
|
يَامَعْشَرَ الْجِنِّ وَالإِنسِ إِنِ اسْتَطَعْتُمْ أَنْ تَنفُذُوا مِنْ أَقْطَارِ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ فَانفُذُوا لاَ ۚ تَنفُذُونَ إِلاَّ بِسُلْطَانٍ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-034 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Yursalu `Alaykumā Shuwāžun Min Nārin Wa Nuĥāsun Falā Tantaşirāni
| 055-035 اوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ.
|
يُرْسَلُ عَلَيْكُمَا شُوَاظٌ مِنْ نَارٍ وَنُحَاسٌ فَلاَ تَنتَصِرَانِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-036 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Fa'idhā Anshaqqati As-Samā'u Fakānat Wardatan Kālddihāni
| 055-037 پوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو.
|
فَإِذَا انشَقَّتِ السَّمَاءُ فَكَانَتْ وَرْدَة ً كَالدِّهَانِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-038 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Fayawma'idhin Lā Yus'alu `An Dhanbihi~ 'Insun Wa Lā Jānnun
| 055-039 پوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا.
|
فَيَوْمَئِذٍ لاَ يُسْأَلُ عَنْ ذَنْبِهِ إِنسٌ وَلاَ جَانٌّ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-040 پوءِ (اي جنّؤ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Yu`rafu Al-Mujrimūna Bisīmāhum Fayu'ukhadhu Bin-Nawāşī Wa Al-'Aqdāmi
| 055-041 ڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا.
|
يُعْرَفُ الْمُجْرِمُونَ بِسِيمَاهُمْ فَيُؤْخَذُ بِالنَّوَاصِي وَالأَقْدَامِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-042 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Hadhihi Jahannamu Allatī Yukadhdhibu Bihā Al-Mujrimūna
| 055-043 (چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو.
|
هَذِهِ جَهَنَّمُ الَّتِي يُكَذِّبُ بِهَا الْمُجْرِمُونَ |
Yaţūfūna Baynahā Wa Bayna Ĥamīmin 'Ānin
| 055-044 انھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا.
|
يَطُوفُونَ بَيْنَهَا وَبَيْنَ حَمِيمٍ آنٍ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-045 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Wa Liman Khāfa Maqāma Rabbihi Jannatāni
| 055-046 ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن.
|
وَلِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِ جَنَّتَانِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-047 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Dhawātā 'Afnānin
| 055-048 ٻئي باغ گھاٽا آھن.
|
ذَوَاتَا أَفْنَانٍ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-049 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Fīhimā `Aynāni Tajriyāni
| 055-050 انھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا.
|
فِيهِمَا عَيْنَانِ تَجْرِيَانِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-051 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Fīhimā Min Kulli Fākihatin Zawjāni
| 055-052 انھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن.
|
فِيهِمَا مِنْ كُلِّ فَاكِهَةٍ زَوْجَانِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-053 پوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Muttaki'īna `Alá Furushin Baţā'inuhā Min 'Istabraqin ۚ Wa Janá Al-Jannatayni Dānin
| 055-054 اھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھوھوندو.
|
مُتَّكِئِينَ عَلَى فُرُش ٍ بَطَائِنُهَا مِنْ إِسْتَبْرَقٍ ۚ وَجَنَى الْجَنَّتَيْنِ دَانٍ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-055 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Fīhinna Qāşirātu Aţ-Ţarfi Lam Yaţmithhunna 'Insun Qablahum Wa Lā Jānnun
| 055-056 اُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي.
|
فِيهِنَّ قَاصِرَاتُ الطَّرْفِ لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنْسٌ قَبْلَهُمْ وَلاَ جَانٌّ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-057 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Ka'annahunna Al-Yāqūtu Wa Al-Marjānu
| 055-058 اُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن.
|
كَأَنَّهُنَّ الْيَاقُوتُ وَالْمَرْجَانُ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-059 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Hal Jazā'u Al-'Iĥsāni 'Illā Al-'Iĥsānu
| 055-060 چڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي.
|
هَلْ جَزَاءُ الإِحْسَانِ إِلاَّ الإِحْسَانُ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-061 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Wa Min Dūnihimā Jannatāni
| 055-062 ۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن.
|
وَمِنْ دُونِهِمَا جَنَّتَانِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-063 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Mud/hāmmatāni
| 055-064 ٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن.
|
مُدْهَامَّتَانِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-065 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Fīhimā `Aynāni Nađđākhatāni
| 055-066 اُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا.
|
فِيهِمَا عَيْنَانِ نَضَّاخَتَانِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-067 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Fīhimā Fākihatun Wa Nakhlun Wa Rummānun
| 055-068 انھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا.
|
فِيهِمَا فَاكِهَةٌ وَنَخْلٌ وَرُمَّانٌ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-069 پوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ)پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Fīhinna Khayrātun Ĥisānun
| 055-070 انھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون.
|
فِيهِنَّ خَيْرَاتٌ حِسَانٌ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-071 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Ĥūrun Maqşūrātun Fī Al-Khiyāmi
| 055-072 حُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون.
|
حُورٌ مَقْصُورَاتٌ فِي الْخِيَامِ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-073 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Lam Yaţmithhunna 'Insun Qablahum Wa Lā Jānnun
| 055-074 انھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي.
|
لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلاَ جَانٌّ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-075 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Muttaki'īna `Alá Rafrafin Khuđrin Wa `Abqarīyin Ĥisānin
| 055-076 ساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا.
|
مُتَّكِئِينَ عَلَى رَفْرَفٍ خُضْرٍ وَعَبْقَرِيٍّ حِسَانٍ |
Fabi'ayyi 'Ālā'i Rabbikumā Tukadhdhibāni
| 055-077 پوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
|
فَبِأَيِّ آلاَءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ |
Tabāraka Asmu Rabbika Dhī Al-Jalāli Wa Al-'Ikrāmi
| 055-078 تنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي.
|
تَبَارَكَ اسْمُ رَبِّكَ ذِي الْجَلاَلِ وَالإِكْرَامِ |
Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |