Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |
Hal 'Atá `Alá Al-'Insāni Ĥīnun Mina Ad-Dahri Lam Yakun Shay'āan Madhkūrāan
| 076-001 ڪڏھن ماڻھوءَ تي زماني مان ھڪ (اھڙو) وقت گذري چڪو آھي جو (ھو اھڙي) ڪا شيءَ نه ھو جا يادگيريءَ ۾ اچي.
|
هَلْ أَتَى عَلَى الإِنسَانِ حِينٌ مِنَ الدَّهْرِ لَمْ يَكُنْ شَيْئا ً مَذْكُوراً |
'Innā Khalaqnā Al-'Insāna Min Nuţfatin 'Amshājin Nabtalīhi Faja`alnāhu Samī`āan Başīrāan
| 076-002 بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (پاڻ ۾) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو، ته اُن کي پرکيون پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.
|
إِنَّا خَلَقْنَا الإِنسَانَ مِنْ نُطْفَةٍ أَمْشَاجٍ نَبْتَلِيهِ فَجَعَلْنَاهُ سَمِيعا ً بَصِيراً |
'Innā Hadaynāhu As-Sabīla 'Immā Shākirāan Wa 'Immā Kafūrāan
| 076-003 بيشڪ اسان کيس سڌو دڳ ڏسيو (ھاڻي ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئي يا بي شُڪر.
|
إِنَّا هَدَيْنَاهُ السَّبِيلَ إِمَّا شَاكِرا ً وَإِمَّا كَفُوراً |
'Innā 'A`tadnā Lilkāfirīna Salāsilāan Wa 'Aghlālāan Wa Sa`īrāan
| 076-004 بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير يا ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي.
|
إِنَّا أَعْتَدْنَا لِلْكَافِرِينَ سَلاَسِلا ً وَأَغْلاَلا ً وَسَعِيراً |
'Inna Al-'Abrāra Yashrabūna Min Ka'sin Kāna Mizājuhā Kāfūrāan
| 076-005 بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (انھي شراب جي) پيالي مان پيئندا جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻي) جي ھوندي.
|
إِنَّ الأَبْرَارَ يَشْرَبُونَ مِنْ كَأْسٍ كَانَ مِزَاجُهَا كَافُوراً |
`Aynāan Yashrabu Bihā `Ibādu Allāhi Yufajjirūnahā Tafjīrāan
| 076-006 اھو ھڪ چشمو آھي جنھن مانالله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا جنھن کي چڱي طرح وھائيندا.
|
عَيْنا ً يَشْرَبُ بِهَا عِبَادُ اللَّهِ يُفَجِّرُونَهَا تَفْجِيراً |
Yūfūna Bin-Nadhri Wa Yakhāfūna Yawmāan Kāna Sharruhu Mustaţīrāan
| 076-007 جي (الله جي) باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي.
|
يُوفُونَ بِالنَّذْرِ وَيَخَافُونَ يَوْما ً كَانَ شَرُّهُ مُسْتَطِيراً |
Wa Yuţ`imūna Aţ-Ţa`āma `Alá Ĥubbihi Miskīnāan Wa Yatīmāan Wa 'Asīrāan
| 076-008 ۽ طعام جي احتياج ھوندي مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آھن.
|
وَيُطْعِمُونَ الطَّعَامَ عَلَى حُبِّهِ مِسْكِينا ً وَيَتِيما ً وَأَسِيراً |
'Innamā Nuţ`imukum Liwajhi Allāhi Lā Nurīdu Minkum Jazā'an Wa Lā Shukūrāan
| 076-009 (۽ چوندا آھن ته) اسين ته اوھان کي الله جي واسطي کارائيندا آھيون اوھان کان نڪو بدلو ۽ نڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون.
|
إِنَّمَا نُطْعِمُكُمْ لِوَجْهِ اللَّهِ لاَ نُرِيدُ مِنْكُمْ جَزَاء ً وَلاَ شُكُوراً |
'Innā Nakhāfu Min Rabbinā Yawmāan `Abūsāan Qamţarīrāan
| 076-010 بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون جو تمام سخت آھي.
|
إِنَّا نَخَافُ مِنْ رَبِّنَا يَوْماً عَبُوسا ً قَمْطَرِيراً |
Fawaqāhumu Allāhu Sharra Dhālika Al-Yawmi Wa Laqqāhum Nađratan Wa Surūrāan
| 076-011 پوءِ الله اُن ڏينھن جي مدائي کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي.
|
فَوَقَاهُمُ اللَّهُ شَرَّ ذَلِكَ الْيَوْمِ وَلَقَّاهُمْ نَضْرَة ً وَسُرُوراً |
Wa Jazāhum Bimā Şabarū Jannatan Wa Ĥarīrāan
| 076-012 ۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين.
|
وَجَزَاهُمْ بِمَا صَبَرُوا جَنَّة ً وَحَرِيراً |
Muttaki'īna Fīhā `Alá Al-'Arā'iki ۖ Lā Yarawna Fīhā Shamsāan Wa Lā Zamharīrāan
| 076-013 اُن (باغ) ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندا، اتي نڪي (سج جي) اُتت ۽ نڪي ڪا سخت سردي ڏسندا.
|
مُتَّكِئِينَ فِيهَا عَلَى الأَرَائِكِ ۖ لاَ يَرَوْنَ فِيهَا شَمْسا ً وَلاَ زَمْهَرِيراً |
Wa Dāniyatan `Alayhim Žilāluhā Wa Dhullilat Quţūfuhā Tadhlīlāan
| 076-014 ۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح ويجھا ڪبا.
|
وَدَانِيَةً عَلَيْهِمْ ظِلاَلُهَا وَذُلِّلَتْ قُطُوفُهَا تَذْلِيلاً |
Wa Yuţāfu `Alayhim Bi'āniyatin Min Fiđđatin Wa 'Akwābin Kānat Qawārīra
| 076-015 ۽ روپن ٿانون ۽ پيالن سان وٽن اچ وڃ ٿيندي جي شيشن وانگر ھوندا.
|
وَيُطَافُ عَلَيْهِمْ بِآنِيَةٍ مِنْ فِضَّةٍ وَأَكْوَابٍ كَانَتْ قَوَارِيرَ |
Qawārīra Min Fiđđatin Qaddarūhā Taqdīrāan
| 076-016 (پر) شيشا (به) چاندي جا جن کي انھن (پياريندڙن) پوري انداز سان ٺھرايو آھي.
|
قَوَارِيرَ مِنْ فِضَّةٍ قَدَّرُوهَا تَقْدِيراً |
Wa Yusqawna Fīhā Ka'sāan Kāna Mizājuhā Zanjabīlāan
| 076-017 ۽ اُتي کين شراب جا پيالا پياربا جنھن (جي پاڻي) جي ملاوت سُنڍ (جي چشمي) جي ھوندي.
|
وَيُسْقَوْنَ فِيهَا كَأْسا ً كَانَ مِزَاجُهَا زَنجَبِيلاً |
`Aynāan Fīhā Tusammá Salsabīlāan
| 076-018 اُتي اھو ھڪچشمو آھي جنھن جو نالو سَلۡسَبِيۡل رکيو وڃي ٿو.
|
عَيْنا ً فِيهَا تُسَمَّى سَلْسَبِيلاً |
Wa Yaţūfu `Alayhim Wildānun Mukhalladūna 'Idhā Ra'aytahum Ĥasibtahum Lu'ulu'uāan Manthūrāan
| 076-019 ۽ وٽن ھميشه رھندڙ نينگر پيا گھمندا ڦرندا، (اي ڏسندڙ) جڏھن انھن کي ڏسندين (ته) انھن کي کنڊريل موتي پيو ڀائيندين.
|
وَيَطُوفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُخَلَّدُونَ إِذَا رَأَيْتَهُمْ حَسِبْتَهُمْ لُؤْلُؤا ً مَنثُوراً |
Wa 'Idhā Ra'ayta Thamma Ra'ayta Na`īmāan Wa Mulkāan Kabīrāan
| 076-020 ۽ جڏھن اُتي نھاريندين (ته) اڻ کٽ نعمت ۽ وڏي بادشاھي پيو ڏسندين.
|
وَإِذَا رَأَيْتَ ثَمَّ رَأَيْتَ نَعِيما ً وَمُلْكا ً كَبِيراً |
`Āliyahum Thiyābu Sundusin Khuđrun Wa 'Istabraqun ۖ Wa Ĥullū 'Asāwira Min Fiđđatin Wa Saqāhum Rabbuhum Sharābāan Ţahūrāan
| 076-021 مٿانئن سنھي سائي پَٽ ۽ ٿُلھي پَٽ جا ڪپڙا ھوندا، ۽ چاندِيءَ جا ڪنگڻ کين پارايا ويندا، ۽ سندن پالڻھار کين تمام پاڪ شراب پياريندو.
|
عَالِيَهُمْ ثِيَابُ سُندُسٍ خُضْرٌ وَإِسْتَبْرَقٌ ۖ وَحُلُّوا أَسَاوِرَ مِنْ فِضَّةٍ وَسَقَاهُمْ رَبُّهُمْ شَرَابا ً طَهُوراً |
'Inna Hādhā Kāna Lakum Jazā'an Wa Kāna Sa`yukum Mashkūrāan
| 076-022 بيشڪ اھو اوھان (جي عملن) جو بدلو آھي ۽ اوھان جو سعيو قبول ڪيل آھي.
|
إِنَّ هَذَا كَانَ لَكُمْ جَزَاء ً وَكَانَ سَعْيُكُمْ مَشْكُوراً |
'Innā Naĥnu Nazzalnā `Alayka Al-Qur'āna Tanzīlāan
| 076-023 بيشڪ اسان توتي قرآن درجي بدرجي لاٿو.
|
إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا عَلَيْكَ الْقُرْآنَ تَنْزِيلاً |
Fāşbir Liĥukmi Rabbika Wa Lā Tuţi` Minhum 'Āthimāan 'Aw Kafūrāan
| 076-024 پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ انھن (ماڻھن) مان ڪنھن گنھگار يا بي شڪر جو چيو نه مڃ.
|
فَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَلاَ تُطِعْ مِنْهُمْ آثِماً أَوْ كَفُوراً |
Wa Adhkur Asma Rabbika Bukratan Wa 'Aşīlāan
| 076-025 ۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو صبح ۽ سانجھيءَ ياد ڪر.
|
وَاذْكُرْ اسْمَ رَبِّكَ بُكْرَة ً وَأَصِيلاً |
Wa Mina Al-Layli Fāsjud Lahu Wa Sabbiĥhu Laylāan Ţawīlāan
| 076-026 ۽ ڪجھ (وقت) رات ۾ اُن لاءِ نماز پڙھ ۽ گھڻي رات سندس پاڪائي ساراھ.
|
وَمِنَ اللَّيْلِ فَاسْجُدْ لَهُ وَسَبِّحْهُ لَيْلا ً طَوِيلاً |
'Inna Hā'uulā' Yuĥibbūna Al-`Ājilata Wa Yadharūna Warā'ahum Yawmāan Thaqīlāan
| 076-027 بيشڪ اُھي (ڪافر) دنيا کي پيارو رکندا آھن ۽ ڳوري ڏينھن کي پنھنجي پٺيان ڦٽو ڪندا آھن.
|
إِنَّ هَاؤُلاَء يُحِبُّونَ الْعَاجِلَةَ وَيَذَرُونَ وَرَاءَهُمْ يَوْما ً ثَقِيلاً |
Naĥnu Khalaqnāhum Wa Shadadnā 'Asrahum ۖ Wa 'Idhā Shi'nā Baddalnā 'Amthālahum Tabdīlāan
| 076-028 اسان کين پيدا ڪيو ۽ سندن سَنڌ پُختا ڪياسون، ۽ جڏھن گھرون (ته) اھڙا ٻيا عوض ۾ مٽائي آڻيون.
|
نَحْنُ خَلَقْنَاهُمْ وَشَدَدْنَا أَسْرَهُمْ ۖ وَإِذَا شِئْنَا بَدَّلْنَا أَمْثَالَهُمْ تَبْدِيلاً |
'Inna Hadhihi Tadhkiratun ۖ Faman Shā'a Attakhadha 'Ilá Rabbihi Sabīlāan
| 076-029 بيشڪ اھا نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي.
|
إِنَّ هَذِهِ تَذْكِرَةٌ ۖ فَمَنْ شَاءَ اتَّخَذَ إِلَى رَبِّهِ سَبِيلاً |
Wa Mā Tashā'ūna 'Illā 'An Yashā'a Allāhu ۚ 'Inna Allāha Kāna `Alīmāan Ĥakīmāan
| 076-030 ۽ اوھين نهگھرندؤ مگر اُھو جيڪي الله گھري، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
|
وَمَا تَشَاءُونَ إِلاَّ أَنْ يَشَاءَ اللَّهُ ۚ إِنَّ اللَّهَ كَانَ عَلِيماً حَكِيماً |
Yudkhilu Man Yashā'u Fī Raĥmatihi Wa ۚ Až-Žālimīna 'A`adda Lahum `Adhābāan 'Alīmāan
| 076-031 جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.
|
يُدْخِلُ مَنْ يَشَاءُ فِي رَحْمَتِهِ ۚ وَالظَّالِمِينَ أَعَدَّ لَهُمْ عَذَاباً أَلِيماً |
Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |