Roman Script    Reciting key words            Previous Sūrah    Quraan Index    Home  

73) Sūrat Al-Muzzammil

Printed format

73) سُورَة المُزَّمِّل

Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ
Yā 'Ayyuhā Al-Muzzammilu 073-001 اي (پاڻ تي) ڪپڙي ويڙھڻ ورا مڙس. ي‍‍َ‍ا‌أَيُّهَا‌ ‌الْمُزَّمِّ‍‍لُ
Qumi Al-Layla 'Illā Qalīlāan 073-002 رات جو کڙو ٿيءُ پر ٿورو. قُ‍‍مِ ‌ال‍‍لَّ‍‍يْ‍‍لَ ‌إِلاَّ‌ قَ‍‍لِيلاً
Nişfahu~ 'Aw Anquş Minhu Qalīlāan 073-003 رات جو اڌ يا اڌ رات کان ٿورو گھٽاءِ. نِصْ‍‍فَهُ~ُ ‌أَ‌وْ‌ ‌انْ‍‍‍‍قُ‍‍صْ مِ‍‌‍نْ‍‍هُ قَ‍‍لِيلاً
'Aw Zid `Alayhi Wa Rattili Al-Qur'āna Tartīlāan 073-004 يا اڌ رات تي وڌاءِ ۽ قرآن ٺاھي ٺاھي پڙھ. أَ‌وْ‌ ‌زِ‌دْ‌ عَلَ‍‍يْ‍‍هِ ‌وَ‌‍رَتِّلِ ‌الْ‍‍قُ‍‍رْ‌آنَ تَرْتِيلاً
'Innā Sanulqī `Alayka Qawlāan Thaqīlāan 073-005 بيشڪ اسين توتي ھڪ ڳرو حُڪم نازل ڪنداسين. إِنَّ‍‍ا‌ سَنُلْ‍‍قِ‍‍ي عَلَ‍‍يْ‍‍كَ قَ‍‍وْلا‌‌ ً‌ ثَ‍‍قِ‍‍يلاً
'Inna Nāshi'ata Al-Layli Hiya 'Ashaddu Waţ'āan Wa 'Aqwamu Qīlāan 073-006 بيشڪ رات جو اُٿڻ (نفس جي) جھڪي ڪرڻ ۾ تمام سخت آھي ۽ لفظن (چوڻ) ۾ تمام پڪو آھي. إِنَّ نَاشِئَةَ ‌ال‍‍لَّ‍‍يْ‍‍لِ هِيَ ‌أَشَدُّ‌ ‌وَ‍طْ‍‍ئا‌ ً‌ ‌وَ‌أَ‍قْ‍‍وَمُ قِ‍‍يلاً
'Inna Laka Fī Aalnnahāri Sabĥāan Ţawīlāan 073-007 بيشڪ توکي ڏينھن ۾ گھڻو ڌنڌو آھي. إِنَّ لَكَ فِي ‌ا‍َ‍ل‍‍نَّ‍‍ه‍‍َ‍ا‌ر‍ِ‍‌ سَ‍‍بْ‍‍حا‌‌ ًطَ‍‍وِيلاً
Wa Adhkur Asma Rabbika Wa Tabattal 'Ilayhi Tabtīlāan 073-008 ۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني پاسن کان ھڪطرفو ٿي چڱي طرح ڏانھس متوجه ٿيءُ. وَ‌ا‌ذْكُرْ‌ ‌اسْمَ ‌‍رَبِّكَ ‌وَتَبَتَّلْ ‌إِلَ‍‍يْ‍‍هِ تَ‍‍بْ‍‍تِيلاً
Rabbu Al-Mashriqi Wa Al-Maghribi Lā 'Ilāha 'Illā Huwa Fa Attakhidh/hu Wa Kīlāan 073-009 جو اوڀر ۽ اولھ جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري تون کيس ڀرجھلو ڪري وٺ. رَبُّ ‌الْمَشْ‍‍رِ‍‍قِ ‌وَ‌الْمَ‍‍غْ‍‍رِبِ لاَ‌ ‌إِلَهَ ‌إِلاَّ‌ هُوَ‌ فَاتَّ‍‍خِ‍‍ذْهُ ‌وَكِيلاً
Wa Aşbir `Alá Mā Yaqūlūna Wa Ahjurhum Hajan Jamīlāan 073-010 ۽ (ڪافر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ چڱي طرح انھن کي ڇڏي ڏي. وَ‌اصْ‍‍بِ‍‍رْ‌ عَلَى‌ مَا‌ يَ‍‍قُ‍‍ول‍‍ُ‍ونَ ‌وَ‌اهْجُرْهُمْ هَ‍‍جْ‍‍ر‌ا‌‌ ً‌ جَمِيلاً
Wa Dharnī Wa Al-Mukadhdhibīna 'Ūlī An-Na`mati Wa Mahhilhum Qalīlāan 073-011 ۽ مون کي ۽ جيڪي ڪوڙ ڀائيندڙ آسودا آھن تن کي ڇڏي ڏي ۽ اُنھن کي ٿوري مُھلت ڏي. وَ‌ذَ‌رْنِي ‌وَ‌الْمُكَذِّب‍‍ِ‍ي‍‍نَ ‌أ‍ُ‍‌ولِي ‌ال‍‍نَّ‍‍عْمَةِ ‌وَمَهِّلْهُمْ قَ‍‍لِيلاً
'Inna Ladaynā 'Ankālāan Wa Jaĥīmāan 073-012 بيشڪ اسان وٽ (ڳرا) نيل ۽ ٻاريل باھ آھي. إِنَّ لَدَيْنَ‍‍ا‌ ‌أَ‌ن‍‍كَالا‌ ً‌ ‌وَجَحِيماً
Wa Ţa`āmāan Dhā Ghuşşatin Wa `Adhābāan 'Alīmāan 073-013 ۽ نڙي گھٽيندڙ طعام ۽ ڏکوئيندڙ عذاب آھي. وَ‍طَ‍‍عَاما‌‌ ً‌ ‌ذَ‌ا‌ غُ‍‍صَّ‍‍ةٍ‌ ‌وَعَذَ‌اباً‌ ‌أَلِيماً
Yawma Tarjufu Al-'Arđu Wa Al-Jibālu Wa Kānati Al-Jibālu Kathībāan Mahīlāan 073-014 جنھن ڏينھن زمين ۽ جبل ڌٻندا ۽ جبل واريءَ جا ڍڳ ھاريل ٿيندا. يَ‍‍وْمَ تَرْجُفُ ‌الأَ‌رْ‍ضُ ‌وَ‌الْجِب‍‍َ‍الُ ‌وَكَانَتِ ‌الْجِب‍‍َ‍الُ كَثِيبا‌ ً‌ مَهِيلاً
'Innā 'Arsalnā 'Ilaykum Rasūlāan Shāhidāan `Alaykum Kamā 'Arsalnā 'Ilá Fir`awna Rasūlāan 073-015 (اي ماڻھو) بيشڪ اسان اوھان ڏانھن ھڪ پيغمبر اوھان تي شاھدي ڏيندڙ موڪليو جھڙي طرح فرعون ڏانھن (موسى) پيغمبر (ڪري) موڪليوسون. إِنَّ‍‍ا‌ ‌أَ‌رْسَلْنَ‍‍ا‌ ‌إِلَيْكُمْ ‌‍رَسُولا‌‌ ً‌ شَاهِد‌اً‌ عَلَيْكُمْ كَمَ‍‍ا‌ ‌أَ‌رْسَلْنَ‍‍ا‌ ‌إِلَى‌ فِ‍‍رْعَ‍‍وْنَ ‌‍رَسُولاً
Fa`aşá Fir`awnu Ar-Rasūla Fa'akhadhnāhu 'Akhdhāan Wabīlāan 073-016 پوءِ فرعون اُن پيغمبر جي نافرماني ڪئي تنھنڪري اُن کي سخت پڪڙ ۾ پڪڙيوسون. فَعَ‍صَ‍‍ى‌ فِ‍‍رْعَ‍‍وْنُ ‌ال‍رَّس‍‍ُ‍ولَ فَأَ‍خَ‍‍ذْن‍‍َ‍اهُ ‌أَ‍خْ‍‍ذ‌ا‌ ً‌ ‌وَبِيلاً
Fakayfa Tattaqūna 'In Kafartum Yawmāan Yaj`alu Al-Wildāna Shībāan 073-017 پوءِ جيڪڏھن (اوھين) ڪافر رھندؤ ته اھڙي ڏينھن کان ڪيئن بچندو جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪندو. فَكَ‍‍يْ‍‍فَ تَتَّ‍‍قُ‍‍ونَ ‌إِ‌نْ كَفَرْتُمْ يَوْما‌ ً‌ يَ‍‍جْ‍‍عَلُ ‌الْوِلْد‍َ‍‌انَ شِيباً
As-Samā'u Munfaţirun Bihi ۚ Kāna Wa`duhu Maf`ūlāan 073-018 اُن ڏينھن ۾ آسمان ڦاٽندو، الله جو انجام (ضرور پورو) ٿيڻو آھي. ال‍‍سَّم‍‍َ‍ا‌ءُ‌ مُ‍‌‍نْ‍‍فَ‍‍طِ‍‍ر‌ٌ‌ بِ‍‍هِ ۚ ك‍‍َ‍انَ ‌وَعْدُهُ مَفْعُولاً
'Inna Hadhihi Tadhkiratun ۖ Faman Shā'a Attakhadha 'Ilá Rabbihi Sabīlāan 073-019 بيشڪ ھيءَ نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي. إِنَّ هَذِهِ تَذْكِ‍رَة‌‍ٌۖ فَمَ‍‌‍نْ ش‍‍َ‍ا‌ءَ‌ ‌اتَّ‍‍خَ‍‍ذَ‌ ‌إِلَى‌ ‌‍رَبِّ‍‍هِ سَبِيلاً
'Inna Rabbaka Ya`lamu 'Annaka Taqūmu 'Adná Min Thuluthayi Al-Layli Wa Nişfahu Wa Thuluthahu Wa Ţā'ifatun Mina Al-Ladhīna Ma`aka Wa ۚ Allāhu Yuqaddiru Al-Layla Wa An-Nahāra ۚ `Alima 'An Lan Tuĥşūhu Fatāba `Alaykum ۖqra'ū Mā Tayassara Mina Al-Qur'āni ۚ `Alima 'An Sayakūnu Minkum Marđá ۙ Wa 'Ākharūna Yađribūna Fī Al-'Arđi Yabtaghūna Min Fađli Allāhi ۙ Wa 'Ākharūna Yuqātilūna Fī Sabīli Allāhi ۖqra'ū Mā Tayassara Minhu ۚ Wa 'Aqīmū Aş-Şalāata Wa 'Ātū Az-Zakāata Wa 'Aqriđū Allaha Qarđāan Ĥasanāan ۚ Wa Mā Tuqaddimū Li'nfusikum Min Khayrin Tajidūhu `Inda Allāhi Huwa Khayan Wa 'A`žama 'Ajan ۚ Wa Astaghfirū Allaha ۖ 'Inna Allāha Ghafūrun Raĥīmun 073-020 بيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته تون ٻن ٽھائن رات جي ويجھو اُٿندڙ آھين ۽ اڌ رات جو ۽ ٽھائي رات جي ۽جيڪي تو ساڻ آھن تن مان به ھڪ ٽولي (اٿندي آھي)، ۽ الله رات ۽ ڏينھن جو اندازو ڪندو آھي، الله ڄاتو ته اوھين رات جو اُٿڻ پورو ڪري نه ٿا سگھو تنھنڪري اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو پوءِ جيترو آسان ٿي سگھي سو قرآن مان پڙھو، الله ڄاڻي چڪو ته اوھان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا جي زمين ۾ مسافري ڪن ٿا الله جي فضل مان (روزيءَ جي) طلب ڪن ٿا ۽ ٻيا الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) وڙھن ٿا، تنھنڪري جيترو قرآن مان آسان ٿي سگھي سو پڙھو ۽ نماز کي قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيو، ۽ جيڪي پاڻ لاءِ چڱائي مان اڳي موڪليندؤ تنھن کي الله وٽ وڌيڪ چڱو ۽ اجر ڪري تمام وڏو لھندؤ، ۽ الله کان بخشش گھرو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي. إِنَّ ‌‍رَبَّكَ يَعْلَمُ ‌أَنَّ‍‍كَ تَ‍‍قُ‍‍ومُ ‌أَ‌دْنَى‌ مِ‍‌‍نْ ثُلُثَيِ ‌ال‍‍لَّ‍‍يْ‍‍لِ ‌وَنِ‍‍صْ‍‍فَ‍‍هُ ‌وَثُلُثَ‍‍هُ ‌وَ‍طَ‍‍ائِفَةٌ‌ مِنَ ‌الَّذ‍ِ‍ي‍‍نَ مَعَكَ ۚ ‌وَ‌اللَّهُ يُ‍‍قَ‍‍دِّ‌ر‍ُ‍‌ ‌ال‍‍لَّ‍‍يْ‍‍لَ ‌وَ‌ال‍‍نَّ‍‍ه‍‍َ‍ا‌‍رَۚ عَلِمَ ‌أَ‌نْ لَ‍‌‍نْ تُحْ‍‍صُ‍‍وهُ فَت‍‍َ‍ابَ عَلَيْكُمْ ۖ فَا‍قْ‍‍‍رَ‌ء‍ُ‍‌و‌ا‌ مَا‌ تَيَسَّ‍رَ‌ مِنَ ‌الْ‍‍قُ‍‍رْ‌آنِ ۚ عَلِمَ ‌أَ‌نْ سَيَك‍‍ُ‍ونُ مِ‍‌‍نْ‍‍كُمْ مَرْ‍ضَ‍‍ى‌ ۙ ‌وَ‌آ‍‍خَ‍‍ر‍ُ‍‌ونَ يَ‍‍ضْ‍‍رِب‍‍ُ‍ونَ فِي ‌الأَ‌رْ‍ضِ يَ‍‍بْ‍‍تَ‍‍غُ‍‍ونَ مِ‍‌‍نْ فَ‍‍ضْ‍‍لِ ‌اللَّ‍‍هِ ۙ ‌وَ‌آ‍‍خَ‍‍ر‍ُ‍‌ونَ يُ‍‍قَ‍‍اتِل‍‍ُ‍ونَ فِي سَب‍‍ِ‍ي‍‍لِ ‌اللَّ‍‍هِ ۖ فَا‍قْ‍‍‍رَ‌ء‍ُ‍‌و‌ا‌ مَا‌ تَيَسَّ‍رَ‌ مِ‍‌‍نْ‍‍هُ ۚ ‌وَ‌أَ‍قِ‍‍يمُو‌ا‌ال‍‍صَّ‍‍لاَةَ ‌وَ‌آتُو‌ا‌ال‍‍زَّك‍‍َ‍اةَ ‌وَ‌أَ‍قْ‍‍رِ‍‍ضُ‍‍و‌ا‌اللَّ‍‍هَ قَ‍‍رْ‍ض‍‍اً‌ حَسَنا‌ ًۚ ‌وَمَا‌ تُ‍‍قَ‍‍دِّمُو‌ا‌ لِأ‌نْ‍‍فُسِكُمْ مِ‍‌‍نْ خَ‍‍يْ‍‍ر‌‌ٍ‌ تَجِد‍ُ‍‌وهُ عِ‍‌‍نْ‍‍دَ‌ ‌اللَّ‍‍هِ هُوَ‌ خَ‍‍يْر‌ا‌ ً‌ ‌وَ‌أَعْ‍‍ظَ‍‍مَ ‌أَجْ‍‍ر‌ا‌ ًۚ ‌وَ‌اسْتَ‍‍غْ‍‍فِرُ‌و‌ا‌اللَّ‍‍هَ ۖ ‌إِنَّ ‌اللَّ‍‍هَ غَ‍‍ف‍‍ُ‍و‌ر‌ٌ‌ ‌‍رَحِيمٌ
Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ
Next Sūrah