Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |
Wa Aş-Şāffāti Şaffāan
| 037-001 (پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
|
وَالصَّافَّاتِ صَفّاً |
Fālzzājirāti Zajrāan
| 037-002 پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
|
فَالزَّاجِرَاتِ زَجْراً |
Fālttāliyāti Dhikrāan
| 037-003 پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي.
|
فَالتَّالِيَاتِ ذِكْراً |
'Inna 'Ilahakum Lawāĥidun
| 037-004 ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي.
|
إِنَّ إِلَهَكُمْ لَوَاحِدٌ |
Rabbu As-Samāwāti Wa Al-'Arđi Wa Mā Baynahumā Wa Rabbu Al-Mashāriqi
| 037-005 (جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي.
|
رَبُّ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ الْمَشَارِقِ |
'Innā Zayyannā As-Samā'a Ad-Dunyā Bizīnatin Al-Kawākib
| 037-006 بيشڪ اساندُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو.
|
إِنَّا زَيَّنَّا السَّمَاءَ الدُّنْيَا بِزِينَةٍ الْكَوَاكِب |
Wa Ĥifžāan Min Kulli Shayţānin Māridin
| 037-007 ۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون.
|
وَحِفْظا ً مِنْ كُلِّ شَيْطَانٍ مَارِدٍ |
Lā Yassamma`ūna 'Ilá Al-Mala'i Al-'A`lá Wa Yuqdhafūna Min Kulli Jānibin
| 037-008 ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن.
|
لاَ يَسَّمَّعُونَ إِلَى الْمَلَإِ الأَعْلَى وَيُقْذَفُونَ مِنْ كُلِّ جَانِبٍ |
Duĥūrāan ۖ Wa Lahum `Adhābun Wa Aşibun
| 037-009 (اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.
|
دُحُورا ً ۖ وَلَهُمْ عَذَابٌ وَاصِبٌ |
'Illā Man Khaţifa Al-Khaţfata Fa'atba`ahu Shihābun Thāqibunā
| 037-010 پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي.
|
إِلاَّ مَنْ خَطِفَ الْخَطْفَةَ فَأَتْبَعَهُ شِهَابٌ ثَاقِباٌ |
Fāstaftihim 'Ahum 'Ashaddu Khalqāan 'Am Man Khalaqnā ۚ 'Innā Khalaqnāhum Min Ţīnin Lāzibin
| 037-011 پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو.
|
فَاسْتَفْتِهِمْ أَهُمْ أَشَدُّ خَلْقاً أَمْ مَنْ خَلَقْنَا ۚ إِنَّا خَلَقْنَاهُمْ مِنْ طِينٍ لاَزِبٍ |
Bal `Ajibta Wa Yaskharūna
| 037-012 بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن.
|
بَلْ عَجِبْتَ وَيَسْخَرُونَ |
Wa 'Idhā Dhukkirū Lā Yadhkurūna
| 037-013 ۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن.
|
وَإِذَا ذُكِّرُوا لاَ يَذْكُرُونَ |
Wa 'Idhā Ra'aw 'Āyatan Yastaskhirūna
| 037-014 ۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن.
|
وَإِذَا رَأَوْا آيَة ً يَسْتَسْخِرُونَ |
Wa Qālū 'In Hādhā 'Illā Siĥrun Mubīnun
| 037-015 ۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي.
|
وَقَالُوا إِنْ هَذَا إِلاَّ سِحْرٌ مُبِينٌ |
'A'idhā Mitnā Wa Kunnā Turābāan Wa `Ižāmāan 'A'innā Lamab`ūthūna
| 037-016 ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟
|
أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابا ً وَعِظَاماً أَئِنَّا لَمَبْعُوثُونَ |
'Awa'ābā'uunā Al-'Awwalūna
| 037-017 اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟
|
أَوَآبَاؤُنَا الأَوَّلُونَ |
Qul Na`am Wa 'Antum Dākhirūna
| 037-018 چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ.
|
قُلْ نَعَمْ وَأَنْتُمْ دَاخِرُونَ |
Fa'innamā Hiya Zajratun Wāĥidatun Fa'idhā Hum Yanžurūna
| 037-019 پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھياُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا.
|
فَإِنَّمَا هِيَ زَجْرَةٌ وَاحِدَةٌ فَإِذَا هُمْ يَنظُرُونَ |
Wa Qālū Yā Waylanā Hādhā Yawmu Ad-Dīni
| 037-020 ۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي.
|
وَقَالُوا يَاوَيْلَنَا هَذَا يَوْمُ الدِّينِ |
Hādhā Yawmu Al-Faşli Al-Ladhī Kuntum Bihi Tukadhdhibūna
| 037-021 (چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي.
|
هَذَا يَوْمُ الْفَصْلِ الَّذِي كُنتُمْ بِهِ تُكَذِّبُونَ |
Aĥshurū Al-Ladhīna Žalamū Wa 'Azwājahum Wa Mā Kānū Ya`budūna
| 037-022 (چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا
|
احْشُرُوا الَّذِينَ ظَلَمُوا وَأَزْوَاجَهُمْ وَمَا كَانُوا يَعْبُدُونَ |
Min Dūni Allāhi Fāhdūhum 'Ilá Şirāţi Al-Jaĥīmi
| 037-023 تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو.
|
مِنْ دُونِ اللَّهِ فَاهْدُوهُمْ إِلَى صِرَاطِ الْجَحِيمِ |
Wa Qifūhum ۖ 'Innahum Mas'ūlūna
| 037-024 ۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو.
|
وَقِفُوهُمْ ۖ إِنَّهُمْ مَسْئُولُونَ |
Mā Lakum Lā Tanāşarūna
| 037-025 (ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟
|
مَا لَكُمْ لاَ تَنَاصَرُونَ |
Bal Humu Al-Yawma Mustaslimūna
| 037-026 بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن.
|
بَلْ هُمُ الْيَوْمَ مُسْتَسْلِمُونَ |
Wa 'Aqbala Ba`đuhum `Alá Ba`đin Yatasā'alūna
| 037-027 ۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
|
وَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَى بَعْضٍ يَتَسَاءَلُونَ |
Qālū 'Innakum Kuntum Ta'tūnanā `Ani Al-Yamīni
| 037-028 (ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ.
|
قَالُوا إِنَّكُمْ كُنتُمْ تَأْتُونَنَا عَنِ الْيَمِينِ |
Qālū Bal Lam Takūnū Mu'uminīna
| 037-029 (سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ.
|
قَالُوا بَلْ لَمْ تَكُونُوا مُؤْمِنِينَ |
Wa Mā Kāna Lanā `Alaykum Min Sulţānin ۖ Bal Kuntum Qawmāan Ţāghīna
| 037-030 ۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ.
|
وَمَا كَانَ لَنَا عَلَيْكُمْ مِنْ سُلْطَان ٍ ۖ بَلْ كُنتُمْ قَوْما ً طَاغِينَ |
Faĥaqqa `Alaynā Qawlu Rabbinā ۖ 'Innā Ladhā'iqūna
| 037-031 پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون.
|
فَحَقَّ عَلَيْنَا قَوْلُ رَبِّنَا ۖ إِنَّا لَذَائِقُونَ |
Fa'aghwaynākum 'Innā Kunnā Ghāwīna
| 037-032 پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون.
|
فَأَغْوَيْنَاكُمْ إِنَّا كُنَّا غَاوِينَ |
Fa'innahum Yawma'idhin Fī Al-`Adhābi Mushtarikūna
| 037-033 پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا.
|
فَإِنَّهُمْ يَوْمَئِذٍ فِي الْعَذَابِ مُشْتَرِكُونَ |
'Innā Kadhālika Naf`alu Bil-Mujrimīna
| 037-034 بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙيطرح ڪندا آھيون.
|
إِنَّا كَذَلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِينَ |
'Innahum Kānū 'Idhā Qīla Lahum Lā 'Ilāha 'Illā Al-Lahu Yastakbirūna
| 037-035 بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا.
|
إِنَّهُمْ كَانُوا إِذَا قِيلَ لَهُمْ لاَ إِلَهَ إِلاَّ اللَّهُ يَسْتَكْبِرُونَ |
Wa Yaqūlūna 'A'innā Latārikū 'Ālihatinā Lishā`irin Majnūnin
| 037-036 ۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟
|
وَيَقُولُونَ أَئِنَّا لَتَارِكُوا آلِهَتِنَا لِشَاعِرٍ مَجْنُونٍ |
Bal Jā'a Bil-Ĥaqqi Wa Şaddaqa Al-Mursalīna
| 037-037 بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين.
|
بَلْ جَاءَ بِالْحَقِّ وَصَدَّقَ الْمُرْسَلِينَ |
'Innakum Ladhā'iqū Al-`Adhābi Al-'Alīmi
| 037-038 بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو.
|
إِنَّكُمْ لَذَائِقُو الْعَذَابِ الأَلِيمِ |
Wa Mā Tujzawna 'Illā Mā Kuntum Ta`malūna
| 037-039 ۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ.
|
وَمَا تُجْزَوْنَ إِلاَّ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ |
'Illā `Ibāda Allāhi Al-Mukhlaşīna
| 037-040 پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا).
|
إِلاَّ عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ |
'Ūlā'ika Lahum Rizqun Ma`lūmun
| 037-041 اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي.
|
أُوْلَائِكَ لَهُمْ رِزْقٌ مَعْلُومٌ |
Fawākihu ۖ Wa Hum Mukramūna
| 037-042 (قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن.
|
فَوَاكِهُ ۖ وَهُمْ مُكْرَمُونَ |
Fī Jannāti An-Na`īmi
| 037-043 نعمت وارن باغن ۾.
|
فِي جَنَّاتِ النَّعِيمِ |
`Alá Sururin Mutaqābilīna
| 037-044 تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا.
|
عَلَى سُرُرٍ مُتَقَابِلِينَ |
Yuţāfu `Alayhim Bika'sin Min Ma`īnin
| 037-045 وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو.
|
يُطَافُ عَلَيْهِمْ بِكَأْسٍ مِنْ مَعِينٍ |
Bayđā'a Ladhdhatin Lilshshāribīna
| 037-046 جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو.
|
بَيْضَاءَ لَذَّةٍ لِلشَّارِبِينَ |
Lā Fīhā Ghawlun Wa Lā Hum `Anhā Yunzafūna
| 037-047 نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا.
|
لاَ فِيهَا غَوْلٌ وَلاَ هُمْ عَنْهَا يُنزَفُونَ |
Wa `Indahum Qāşirātu Aţ-Ţarfi `Īnun
| 037-048 ۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون.
|
وَعِنْدَهُمْ قَاصِرَاتُ الطَّرْفِ عِينٌ |
Ka'annahunna Bayđun Maknūnun
| 037-049 ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن.
|
كَأَنَّهُنَّ بَيْضٌ مَكْنُونٌ |
Fa'aqbala Ba`đuhum `Alá Ba`đin Yatasā'alūna
| 037-050 پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
|
فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَى بَعْضٍ يَتَسَاءَلُونَ |
Qāla Qā'ilun Minhum 'Innī Kāna Lī Qarīnun
| 037-051 منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو.
|
قَالَ قَائِلٌ مِنْهُمْ إِنِّي كَانَ لِي قَرِينٌ |
Yaqūlu 'A'innaka Lamina Al-Muşaddiqīna
| 037-052 جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟
|
يَقُولُ أَئِنَّكَ لَمِنَ الْمُصَدِّقِينَ |
'A'idhā Mitnā Wa Kunnā Turābāan Wa `Ižāmāan 'A'innā Lamadīnūna
| 037-053 ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟
|
أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابا ً وَعِظَاماً أَئِنَّا لَمَدِينُونَ |
Qāla Hal 'Antum Muţţali`ūna
| 037-054 (وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟
|
قَالَ هَلْ أَنْتُمْ مُطَّلِعُونَ |
Fāţţala`a Fara'āhu Fī Sawā'i Al-Jaĥīmi
| 037-055 پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.
|
فَاطَّلَعَ فَرَآهُ فِي سَوَاءِ الْجَحِيمِ |
Qāla Ta-Allāhi 'In Kidta Laturdīni
| 037-056 چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو.
|
قَالَ تَاللَّهِ إِنْ كِدْتَ لَتُرْدِينِ |
Wa Lawlā Ni`matu Rabbī Lakuntu Mina Al-Muĥđarīna
| 037-057 ۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا.
|
وَلَوْلاَ نِعْمَةُ رَبِّي لَكُنتُ مِنَ الْمُحْضَرِينَ |
'Afamā Naĥnu Bimayyitīna
| 037-058 بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون.
|
أَفَمَا نَحْنُ بِمَيِّتِينَ |
'Illā Mawtatanā Al-'Ūlá Wa Mā Naĥnu Bimu`adhdhabīna
| 037-059 (اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون.
|
إِلاَّ مَوْتَتَنَا الأُولَى وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ |
'Inna Hādhā Lahuwa Al-Fawzu Al-`Ažīmu
| 037-060 بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
|
إِنَّ هَذَا لَهُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ |
Limithli Hādhā Falya`mali Al-`Āmilūna
| 037-061 اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن.
|
لِمِثْلِ هَذَا فَلْيَعْمَلِ الْعَامِلُونَ |
'Adhalika Khayrun Nuzulāan 'Am Shajaratu Az-Zaqqūmi
| 037-062 ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟
|
أَذَلِكَ خَيْرٌ نُزُلاً أَمْ شَجَرَةُ الزَّقُّومِ |
'Innā Ja`alnāhā Fitnatan Lilžžālimīna
| 037-063 بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي.
|
إِنَّا جَعَلْنَاهَا فِتْنَة ً لِلظَّالِمِينَ |
'Innahā Shajaratun Takhruju Fī 'Aşli Al-Jaĥīmi
| 037-064 بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي.
|
إِنَّهَا شَجَرَةٌ تَخْرُجُ فِي أَصْلِ الْجَحِيمِ |
Ţal`uhā Ka'annahu Ru'ūsu Ash-Shayāţīni
| 037-065 اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن.
|
طَلْعُهَا كَأَنَّهُ رُءُوسُ الشَّيَاطِينِ |
Fa'innahum La'ākilūna Minhā Famāli'ūna Minhā Al-Buţūna
| 037-066 پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا.
|
فَإِنَّهُمْ لَآكِلُونَ مِنْهَا فَمَالِئُونَ مِنْهَا الْبُطُونَ |
Thumma 'Inna Lahum `Alayhā Lashawbāan Min Ĥamīmin
| 037-067 وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي.
|
ثُمَّ إِنَّ لَهُمْ عَلَيْهَا لَشَوْبا ً مِنْ حَمِيمٍ |
Thumma 'Inna Marji`ahum La'ilá Al-Jaĥīmi
| 037-068 وري بيشڪکائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو.
|
ثُمَّ إِنَّ مَرْجِعَهُمْ لَإِلَى الْجَحِيمِ |
'Innahum 'Alfaw 'Ābā'ahum Đāllīna
| 037-069 بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو.
|
إِنَّهُمْ أَلْفَوْا آبَاءَهُمْ ضَالِّينَ |
Fahum `Alá 'Āthārihim Yuhra`ūna
| 037-070 تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا.
|
فَهُمْ عَلَى آثَارِهِمْ يُهْرَعُونَ |
Wa Laqad Đalla Qablahum 'Aktharu Al-'Awwalīna
| 037-071 ۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا.
|
وَلَقَدْ ضَلَّ قَبْلَهُمْ أَكْثَرُ الأَوَّلِينَ |
Wa Laqad 'Arsalnā Fīhim Mundhirīna
| 037-072 ۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون.
|
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا فِيهِمْ مُنذِرِينَ |
Fānžur Kayfa Kāna `Āqibatu Al-Mundharīna
| 037-073 پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟
|
فَانظُرْ كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الْمُنذَرِينَ |
'Illā `Ibāda Allāhi Al-Mukhlaşīna
| 037-074 پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي).
|
إِلاَّ عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ |
Wa Laqad Nādānā Nūĥun Falani`ma Al-Mujībūna
| 037-075 ۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون.
|
وَلَقَدْ نَادَانَا نُوحٌ فَلَنِعْمَ الْمُجِيبُونَ |
Wa Najjaynāhu Wa 'Ahlahu Mina Al-Karbi Al-`Ažīmi
| 037-076 ۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون.
|
وَنَجَّيْنَاهُ وَأَهْلَهُ مِنَ الْكَرْبِ الْعَظِيمِ |
Wa Ja`alnā Dhurrīyatahu Humu Al-Bāqīna
| 037-077 ۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون.
|
وَجَعَلْنَا ذُرِّيَّتَهُ هُمُ الْبَاقِينَ |
Wa Taraknā `Alayhi Fī Al-'Ākhirīna
| 037-078 ۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون.
|
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِي الآخِرِينَ |
Salāmun `Alá Nūĥin Fī Al-`Ālamīna
| 037-079 ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي.
|
سَلاَمٌ عَلَى نُوحٍ فِي الْعَالَمِينَ |
'Innā Kadhālika Najzī Al-Muĥsinīna
| 037-080 بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
|
إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ |
'Innahu Min `Ibādinā Al-Mu'uminīna
| 037-081 بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
|
إِنَّهُ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ |
Thumma 'Aghraqnā Al-'Ākharīna
| 037-082 وري ٻـين کي ٻوڙيوسون.
|
ثُمَّ أَغْرَقْنَا الآخَرِينَ |
Wa 'Inna Min Shī`atihi La'ibrāhīma
| 037-083 ۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو.
|
وَإِنَّ مِنْ شِيعَتِهِ لَإِبْرَاهِيمَ |
'Idh Jā'a Rabbahu Biqalbin Salīmin
| 037-084 (ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو.
|
إِذْ جَاءَ رَبَّهُ بِقَلْبٍ سَلِيمٍ |
'Idh Qāla Li'abīhi Wa Qawmihi Mādhā Ta`budūna
| 037-085 (ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟
|
إِذْ قَالَ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِ مَاذَا تَعْبُدُونَ |
'A'ifkāan 'Ālihatan Dūna Allāhi Turīdūna
| 037-086 الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟
|
أَئِفْكا ً آلِهَة ً دُونَ اللَّهِ تُرِيدُونَ |
Famā Žannukum Birabbi Al-`Ālamīna
| 037-087 پوءِ جھانن جي پالڻھاربابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟
|
فَمَا ظَنُّكُمْ بِرَبِّ الْعَالَمِينَ |
Fanažara Nažratan Fī An-Nujūmi
| 037-088 پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين.
|
فَنَظَرَ نَظْرَة ً فِي النُّجُومِ |
Faqāla 'Innī Saqīmun
| 037-089 پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس.
|
فَقَالَ إِنِّي سَقِيمٌ |
Fatawallaw `Anhu Mudbirīna
| 037-090 پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا.
|
فَتَوَلَّوْا عَنْهُ مُدْبِرِينَ |
Farāgha 'Ilá 'Ālihatihim Faqāla 'Alā Ta'kulūna
| 037-091 پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟
|
فَرَاغَ إِلَى آلِهَتِهِمْ فَقَالَ أَلاَ تَأْكُلُونَ |
Mā Lakum Lā Tanţiqūna
| 037-092 اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟
|
مَا لَكُمْ لاَ تَنطِقُونَ |
Farāgha `Alayhim Đarbāan Bil-Yamīni
| 037-093 پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو.
|
فَرَاغَ عَلَيْهِمْ ضَرْبا ً بِالْيَمِينِ |
Fa'aqbalū 'Ilayhi Yaziffūna
| 037-094 پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا.
|
فَأَقْبَلُوا إِلَيْهِ يَزِفُّونَ |
Qāla 'Ata`budūna Mā Tanĥitūna
| 037-095 (کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟
|
قَالَ أَتَعْبُدُونَ مَا تَنْحِتُونَ |
Wa Allāhu Khalaqakum Wa Mā Ta`malūna
| 037-096 ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو.
|
وَاللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ |
Qālū Abnū Lahu Bunyānāan Fa'alqūhu Fī Al-Jaĥīmi
| 037-097 (ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو.
|
قَالُوا ابْنُوا لَهُ بُنْيَانا ً فَأَلْقُوهُ فِي الْجَحِيمِ |
Fa'arādū Bihi Kaydāan Faja`alnāhumu Al-'Asfalīna
| 037-098 پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون.
|
فَأَرَادُوا بِهِ كَيْدا ً فَجَعَلْنَاهُمُ الأَسْفَلِينَ |
Wa Qāla 'Innī Dhāhibun 'Ilá Rabbī Sayahdīni
| 037-099 ۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).
|
وَقَالَ إِنِّي ذَاهِبٌ إِلَى رَبِّي سَيَهْدِينِ |
Rabbi Hab Lī Mina Aş-Şāliĥīna
| 037-100 اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.
|
رَبِّ هَبْ لِي مِنَ الصَّالِحِينَ |
Fabashsharnāhu Bighulāmin Ĥalīmin
| 037-101 پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.
|
فَبَشَّرْنَاهُ بِغُلاَمٍ حَلِيمٍ |
Falammā Balagha Ma`ahu As-Sa`ya Qāla Yā Bunayya 'Innī 'Ará Fī Al-Manāmi 'Annī 'Adhbaĥuka Fānžur Mādhā Tará ۚ Qāla Yā 'Abati Af`al Mā Tu'umaru ۖ Satajidunī 'In Shā'a Allāhu Mina Aş-Şābirīna
| 037-102 پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.
|
فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ السَّعْيَ قَالَ يَابُنَيَّ إِنِّي أَرَى فِي الْمَنَامِ أَنِّي أَذْبَحُكَ فَانظُرْ مَاذَا تَرَى قَالَ ۚ يَا أَبَتِ افْعَلْ مَا تُؤْمَرُ سَتَجِدُنِي ۖ إِنْ شَاءَ اللَّهُ مِنَ الصَّابِرِينَ |
Falammā 'Aslamā Wa Tallahu Liljabīni
| 037-103 پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.
|
فَلَمَّا أَسْلَمَا وَتَلَّهُ لِلْجَبِينِ |
Wa Nādaynāhu 'An Yā 'Ibrāhīmu
| 037-104 ۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم.
|
وَنَادَيْنَاهُ أَنْ يَا إِبْرَاهِيمُ |
Qad Şaddaqta Ar-Ru'uyā ۚ 'Innā Kadhālika Najzī Al-Muĥsinīna
| 037-105 بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
|
قَد صَدَّقْتَ الرُّؤْيَا ۚ إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ |
'Inna Hādhā Lahuwa Al-Balā'u Al-Mubīnu
| 037-106 بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي.
|
إِنَّ هَذَا لَهُوَ الْبَلاَءُ الْمُبِينُ |
Wa Fadaynāhu Bidhibĥin `Ažīmin
| 037-107 ۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون.
|
وَفَدَيْنَاهُ بِذِبْحٍ عَظِيمٍ |
Wa Taraknā `Alayhi Fī Al-'Ākhirīna
| 037-108 ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
|
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِي الآخِرِينَ |
Salāmun `Alá 'Ibrāhīma
| 037-109 ابراھيم تي شال سلام ھجي.
|
سَلاَمٌ عَلَى إِبْرَاهِيمَ |
Kadhālika Najzī Al-Muĥsinīna
| 037-110 ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
|
كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ |
'Innahu Min `Ibādinā Al-Mu'uminīna
| 037-111 بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
|
إِنَّهُ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ |
Wa Bashsharnāhu Bi'isĥāqa Nabīyāan Mina Aş-Şāliĥīna
| 037-112 ۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي.
|
وَبَشَّرْنَاهُ بِإِسْحَاقَ نَبِيّا ً مِنَ الصَّالِحِينَ |
Wa Bāraknā `Alayhi Wa `Alá 'Isĥāqa ۚ Wa Min Dhurrīyatihimā Muĥsinun Wa Žālimun Linafsihi Mubīnun
| 037-113 ۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن.
|
وَبَارَكْنَا عَلَيْهِ وَعَلَى إِسْحَاقَ ۚ وَمِنْ ذُرِّيَّتِهِمَا مُحْسِنٌ وَظَالِم ٌ لِنَفْسِهِ مُبِينٌ |
Wa Laqad Manannā `Alá Mūsá Wa Hārūna
| 037-114 ۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون.
|
وَلَقَدْ مَنَنَّا عَلَى مُوسَى وَهَارُونَ |
Wa Najjaynāhumā Wa Qawmahumā Mina Al-Karbi Al-`Ažīmi
| 037-115 ۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون.
|
وَنَجَّيْنَاهُمَا وَقَوْمَهُمَا مِنَ الْكَرْبِ الْعَظِيمِ |
Wa Naşarnāhum Fakānū Humu Al-Ghālibīna
| 037-116 ۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا.
|
وَنَصَرْنَاهُمْ فَكَانُوا هُمُ الْغَالِبِينَ |
Wa 'Ātaynāhumā Al-Kitāba Al-Mustabīna
| 037-117 ۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون.
|
وَآتَيْنَاهُمَا الْكِتَابَ الْمُسْتَبِينَ |
Wa Hadaynāhumā Aş-Şirāţa Al-Mustaqīma
| 037-118 ۽ کين سِڌيرستي لاتوسون.
|
وَهَدَيْنَاهُمَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَقِيمَ |
Wa Taraknā `Alayhimā Fī Al-'Ākhirīna
| 037-119 ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون.
|
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِمَا فِي الآخِرِينَ |
Salāmun `Alá Mūsá Wa Hārūna
| 037-120 مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي.
|
سَلاَمٌ عَلَى مُوسَى وَهَارُونَ |
'Innā Kadhālika Najzī Al-Muĥsinīna
| 037-121 بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون.
|
إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ |
'Innahumā Min `Ibādinā Al-Mu'uminīna
| 037-122 بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن.
|
إِنَّهُمَا مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ |
Wa 'Inna 'Ilyāsa Lamina Al-Mursalīna
| 037-123 ۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو.
|
وَإِنَّ إِلْيَاسَ لَمِنَ الْمُرْسَلِينَ |
'Idh Qāla Liqawmihi~ 'Alā Tattaqūna
| 037-124 جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟
|
إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ~ِ أَلاَ تَتَّقُونَ |
'Atad`ūna Ba`lāan Wa Tadharūna 'Aĥsana Al-Khāliqīna
| 037-125 ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟
|
أَتَدْعُونَ بَعْلا ً وَتَذَرُونَ أَحْسَنَ الْخَالِقِينَ |
Al-Laha Rabbakum Wa Rabba 'Ābā'ikumu Al-'Awwalīna
| 037-126 (جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.
|
اللَّهَ رَبَّكُمْ وَرَبَّ آبَائِكُمُ الأَوَّلِينَ |
Fakadhdhabūhu Fa'innahum Lamuĥđarūna
| 037-127 پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن.
|
فَكَذَّبُوهُ فَإِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ |
'Illā `Ibāda Allāhi Al-Mukhlaşīna
| 037-128 پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن).
|
إِلاَّ عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ |
Wa Taraknā `Alayhi Fī Al-'Ākhirīna
| 037-129 ۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
|
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِي الآخِرِينَ |
Salāmun `Alá 'Il Yā -Sīn
| 037-130 الياس تي شال سلام ھجي.
|
سَلاَمٌ عَلَى إِلْ يَا-سِين |
'Innā Kadhālika Najzī Al-Muĥsinīna
| 037-131 بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
|
إِنَّا كَذَلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ |
'Innahu Min `Ibādinā Al-Mu'uminīna
| 037-132 بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي.
|
إِنَّهُ مِنْ عِبَادِنَا الْمُؤْمِنِينَ |
Wa 'Inna Lūţāan Lamina Al-Mursalīna
| 037-133 ۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو.
|
وَإِنَّ لُوطا ً لَمِنَ الْمُرْسَلِينَ |
'Idh Najjaynāhu Wa 'Ahlahu~ 'Ajma`īna
| 037-134 (ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون.
|
إِذْ نَجَّيْنَاهُ وَأَهْلَهُ~ُ أَجْمَعِينَ |
'Illā `Ajūzāan Fī Al-Ghābirīna
| 037-135 سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي.
|
إِلاَّ عَجُوزا ً فِي الْغَابِرِينَ |
Thumma Dammarnā Al-'Ākharīna
| 037-136 وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون.
|
ثُمَّ دَمَّرْنَا الآخَرِينَ |
Wa 'Innakum Latamurrūna `Alayhim Muşbiĥīna
| 037-137 ۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو.
|
وَإِنَّكُمْ لَتَمُرُّونَ عَلَيْهِمْ مُصْبِحِينَ |
Wa Bil-Layli ۗ 'Afalā Ta`qilūna
| 037-138 ۽ رات جو(به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
|
وَبِاللَّيْلِ ۗ أَفَلاَ تَعْقِلُونَ |
Wa 'Inna Yūnis Lamina Al-Mursalīna
| 037-139 ۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو.
|
وَإِنَّ يُونِس لَمِنَ الْمُرْسَلِينَ |
'Idh 'Abaqa 'Ilá Al-Fulki Al-Mashĥūni
| 037-140 جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو.
|
إِذْ أَبَقَ إِلَى الْفُلْكِ الْمَشْحُونِ |
Fasāhama Fakāna Mina Al-Mudĥađīna
| 037-141 پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو.
|
فَسَاهَمَ فَكَانَ مِنَ الْمُدْحَضِينَ |
Fāltaqamahu Al-Ĥūtu Wa Huwa Mulīmun
| 037-142 پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو.
|
فَالْتَقَمَهُ الْحُوتُ وَهُوَ مُلِيمٌ |
Falawlā 'Annahu Kāna Mina Al-Musabbiĥīna
| 037-143 پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا.
|
فَلَوْلاَ أَنَّهُ كَانَ مِنَ الْمُسَبِّحِينَ |
Lalabitha Fī Baţnihi~ 'Ilá Yawmi Yub`athūna
| 037-144 ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا.
|
لَلَبِثَ فِي بَطْنِهِ إِلَى يَوْمِ يُبْعَثُونَ |
Fanabadhnāhu Bil-`Arā'i Wa Huwa Saqīmun
| 037-145 پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو.
|
فَنَبَذْنَاهُ بِالْعَرَاءِ وَهُوَ سَقِيمٌ |
Wa 'Anbatnā `Alayhi Shajaratan Min Yaqţīnin
| 037-146 ۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون.
|
وَأَنْبَتْنَا عَلَيْهِ شَجَرَة ً مِنْ يَقْطِينٍ |
Wa 'Arsalnāhu 'Ilá Miā'ati 'Alfin 'Aw Yazīdūna
| 037-147 ۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون.
|
وَأَرْسَلْنَاهُ إِلَى مِائَةِ أَلْفٍ أَوْ يَزِيدُونَ |
Fa'āmanū Famatta`nāhum 'Ilá Ĥīnin
| 037-148 پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون.
|
فَآمَنُوا فَمَتَّعْنَاهُمْ إِلَى حِينٍ |
Fāstaftihim 'Alirabbika Al-Banātu Wa Lahumu Al-Banūna
| 037-149 پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ
|
فَاسْتَفْتِهِمْ أَلِرَبِّكَ الْبَنَاتُ وَلَهُمُ الْبَنُونَ |
'Am Khalaqnā Al-Malā'ikata 'Ināthāan Wa Hum Shāhidūna
| 037-150 يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا.
|
أَمْ خَلَقْنَا الْمَلاَئِكَةَ إِنَاثا ً وَهُمْ شَاهِدُونَ |
'Alā 'Innahum Min 'Ifkihim Layaqūlūna
| 037-151 خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن.
|
أَلاَ إِنَّهُمْ مِنْ إِفْكِهِمْ لَيَقُولُونَ |
Walada Allāhu Wa 'Innahum Lakādhibūna
| 037-152 ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن.
|
وَلَدَ اللَّهُ وَإِنَّهُمْ لَكَاذِبُونَ |
'Āşţafá Al-Banāti `Alá Al-Banīna
| 037-153 پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟
|
أَاصْطَفَى الْبَنَاتِ عَلَى الْبَنِينَ |
Mā Lakum Kayfa Taĥkumūna
| 037-154 اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟
|
مَا لَكُمْ كَيْفَ تَحْكُمُونَ |
'Afalā Tadhakkarūn
| 037-155 (اوھين) ڇونه ڌيانڪندا آھيو؟
|
أَفَلاَ تَذَكَّرُون |
'Am Lakum Sulţānun Mubīnun
| 037-156 يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟
|
أَمْ لَكُمْ سُلْطَانٌ مُبِينٌ |
Fa'tū Bikitābikum 'In Kuntum Şādiqīna
| 037-157 جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو.
|
فَأْتُوا بِكِتَابِكُمْ إِنْ كُنتُمْ صَادِقِينَ |
Wa Ja`alū Baynahu Wa Bayna Al-Jinnati Nasabāan ۚ Wa Laqad `Alimati Al-Jinnatu 'Innahum Lamuĥđarūna
| 037-158 ۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.
|
وَجَعَلُوا بَيْنَهُ وَبَيْنَ الْجِنَّةِ نَسَبا ً ۚ وَلَقَدْ عَلِمَتِ الْجِنَّةُ إِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ |
Subĥāna Allāhi `Ammā Yaşifūna
| 037-159 (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.
|
سُبْحَانَ اللَّهِ عَمَّا يَصِفُونَ |
'Illā `Ibāda Allāhi Al-Mukhlaşīna
| 037-160 پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي).
|
إِلاَّ عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ |
Fa'innakum Wa Mā Ta`budūna
| 037-161 پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو.
|
فَإِنَّكُمْ وَمَا تَعْبُدُونَ |
Mā 'Antum `Alayhi Bifātinīna
| 037-162 اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو.
|
مَا أَنْتُمْ عَلَيْهِ بِفَاتِنِينَ |
'Illā Man Huwa Şālī Al-Jaĥīmi
| 037-163 پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي.
|
إِلاَّ مَنْ هُوَ صَالِي الْجَحِيمِ |
Wa Mā Minnā 'Illā Lahu Maqāmun Ma`lūmun
| 037-164 ۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي.
|
وَمَا مِنَّا إِلاَّ لَهُ مَقَامٌ مَعْلُومٌ |
Wa 'Innā Lanaĥnu Aş-Şāffūna
| 037-165 ۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون.
|
وَإِنَّا لَنَحْنُ الصَّافُّونَ |
Wa 'Innā Lanaĥnu Al-Musabbiĥūna
| 037-166 ۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون.
|
وَإِنَّا لَنَحْنُ الْمُسَبِّحُونَ |
Wa 'In Kānū Layaqūlūna
| 037-167 ۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا.
|
وَإِنْ كَانُوا لَيَقُولُونَ |
Law 'Anna `Indanā Dhikrāan Mina Al-'Awwalīna
| 037-168 ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا.
|
لَوْ أَنَّ عِنْدَنَا ذِكْرا ً مِنَ الأَوَّلِينَ |
Lakunnā `Ibāda Allāhi Al-Mukhlaşīna
| 037-169 ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا.
|
لَكُنَّا عِبَادَ اللَّهِ الْمُخْلَصِينَ |
Fakafarū Bihi ۖ Fasawfa Ya`lamūna
| 037-170 وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا.
|
فَكَفَرُوا بِهِ ۖ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ |
Wa Laqad Sabaqat Kalimatunā Li`ibādinā Al-Mursalīn
| 037-171 ۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو..
|
وَلَقَدْ سَبَقَتْ كَلِمَتُنَا لِعِبَادِنَا الْمُرْسَلِين |
'Innahum Lahumu Al-Manşūrūna
| 037-172 ته بيشڪ اُھي(اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن.
|
إِنَّهُمْ لَهُمُ الْمَنصُورُونَ |
Wa 'Inna Jundanā Lahumu Al-Ghālibūna
| 037-173 ۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي.
|
وَإِنَّ جُندَنَا لَهُمُ الْغَالِبُونَ |
Fatawalla `Anhum Ĥattá Ĥīnin
| 037-174 پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ.
|
فَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّى حِينٍ |
Wa 'Abşirhum Fasawfa Yubşirūna
| 037-175 ۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا.
|
وَأَبْصِرْهُمْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ |
'Afabi`adhābinā Yasta`jilūna
| 037-176 (ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟
|
أَفَبِعَذَابِنَا يَسْتَعْجِلُونَ |
Fa'idhā Nazala Bisāĥatihim Fasā'a Şabāĥu Al-Mundharīna
| 037-177 پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو.
|
فَإِذَا نَزَلَ بِسَاحَتِهِمْ فَسَاءَ صَبَاحُ الْمُنذَرِينَ |
Wa Tawalla `Anhum Ĥattá Ĥīnin
| 037-178 ۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ.
|
وَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّى حِينٍ |
Wa 'Abşir Fasawfa Yubşirūna
| 037-179 ۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا.
|
وَأَبْصِرْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ |
Subĥāna Rabbika Rabbi Al-`Izzati `Ammā Yaşifūna
| 037-180 تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي.
|
سُبْحَانَ رَبِّكَ رَبِّ الْعِزَّةِ عَمَّا يَصِفُونَ |
Wa Salāmun `Alá Al-Mursalīna
| 037-181 ۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي.
|
وَسَلاَمٌ عَلَى الْمُرْسَلِينَ |
Wa Al-Ĥamdu Lillāh Rabbi Al-`Ālamīna
| 037-182 ۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي.
|
وَالْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ الْعَالَمِينَ |
Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |